خاڻوٺ ۾ ارڙي جي وبا تيزي سان پکڙجڻ لڳي، هڪ ٻارڙي فوت، 15 کان مٿي ٻارڙا موذي مرض ۾ مبتلا

ڀرسان ڳوٺ سنگهار کوسو جي هڪ سالا ٻارڙي سفينا ڌي ساجد کوسو ارڙي وگهي فوت ٿي وئي 15 کان مٿي ٻارڙا ارڙي جي خطرناڪ بيماري ۾ ورتل ڳوٺ سنگهار. راڄڙي، کاسائي ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ارڙي جي وبا تيزي سان پکڙجي وئي جنهن سبب 15 ٻارڙا ارڙي جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ ورتل آهن. فوت ٿي ويل سفينا جي پيءُ جو چوڻ هو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ٻارڙي کي ارڙي جو شڪ ظاهر ٿيو اسان اسپتال کڻائي وياسين پر اسپتال ۾ سهولت نه هجڻ سبب اسان جي ٻارڙي اسپتال ۾ ئي فوت ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي علائقي جا ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. صحت کاتي جي بي ڌياني سبب هن مهل تائين اسان ڳوٺن ۾ ڪا به ڊاڪٽرن جي ٽيم نه پهتي آهي اطلاع باوجود ڊاڪٽرن جون ٽيمون نه پهتيون آهن وڌيڪ ٻارڙا ارڙي سبب فوت ٿي سگهن ٿا هنن صحت کاتي کان  اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي ارڙي ۾ ورتل ٻارڙن کي حفاظتي ٺڪا ھڻي ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن