ڪنڌ ڪوٽ مان 24 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل بينڪ جي پنج ملازمن الطاف گولو، محمد عالم گولو، فرمان لانگاهه، گلاب ڏاھاڻي، شاھنواز نصيراڻي کي پوليس آسرن ۽ دلاسن جي باوجود بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رھي آهي. مغوين جي بازيابي لاء سندن وارثن ممتاز ڏاھاڻي، خادم حسين ڏاھاڻي، بھادر گولو، عبدالواحد گولو، دلمراد ڏاھاڻي، ارصلاح بھلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس ھاء وي تنگواڻي انڙ پل وٽ ٽينٽ لڳائي ڌرڻو ھنيو ويو. مظاھرين ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو پوليس خلاف زوردار نعري بازي ڪئي وئي. ڌرڻي سبب سنڌ پنجاپ ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي آهي جنهن ڪري مسافرن ۽ ڊرائيورن کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رھيو آهي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اغوا ٿيل بينڪ جي 5 مغوين کي 24 ڏينهن گذري چڪا آهن پوليس بازياب ڪرائڻ بدران ٺلها آسرا دلاسا ڏيئي رھي آهي جنهن ڪري اسان جي گھرن ۾ ڏک وارو ماحول ۽ خوف حراس پکڙيل آهي. مغوين جي وارثن چيو ته نوجوانن جي بازيابي لاء ڌاڙيلن 80 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، ڀنگ نه ڏيڻ تي مغوين کي جاني نقصان ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي روز اغوا، ڦرون، ڌاڙا چوريون ٿي رھيون آهن ھتان جا شھري غير محفوظ آهن ھنن چيو ته اسين مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آھيون ھنن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ جو نوٽيس وٺي اغوا ٿيل بينڪ ملازمن سميت تمام مغوين کي بازياب ڪرائي امن امان بحال ڪرايو وڃي. مظاھرين پاران مغوين جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.