لاهور: پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد مارجي ويا

پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا. رپورٽ موجب لاهور ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب جوابدار فيصل بٽ کي جاچ دوران هٿيار ۽ هينڊ گرينڊ هٿ ڪرڻ لاءِ ڪرول ڀرسان جهنگ ۾ آندو ويو. فيضان جي جي نشاندهي تي جهنگ مان 2 پسٽل ۽ هينڊ گرنيڊ هٿ ڪيا ويا. هينڊ گرنيڊ هٿ ڪرڻ دوران فيضان جي 5 کان 6 ساٿين اوچتو حملو ڪري ڏنو. اختيارين ٻڌايو ته دهشتگردن سي ٽي ڊي ٽيم تي سڌي فائرنگ ڪئي، سي ٽي ڊي ٽيم به پنهنجي دفاع ۾ فائرنگ ڪئي. فائرنگ دوران 3 دهشتگرد واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا. واقعي واري هنڌان 2 ڪلاشنڪوف، هڪ پستول قبضي ۾ ورتو ويو. سي ٽي ڊي ترجمان موجب ٽارگيٽ ڪلر فيضان جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان هو، فيضان سان گڏ مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. جڏهن ته فرار ٿيندڙ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.