آزاد ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال: ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس معطل

آزاد ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب مظفر آباد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل، ڪجهه شهرن ۾ موبائل سروس به متاثر آهي. آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي لانگ مارچ، ڦيٿا جام هڙتال جو اڄ ٽيون ڏينهن آهي جنهن سبب بهمبر ۾ انٽرنيٽ جي سروس، باغ ۾ انٽرنيٽ سان گڏ موبائل فون سروس به بند آهي. جڏهن ته ميرپور، آزاد ڪشمير ۾ سمورن موبائيلن جا نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروس معطل آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ميرپور ڪوٽلي جي ضلعن کان مظفر آباد طرف روانو ٿيل لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ تته پاني ۽ بحيره وچ ۾ پهچي ويا آهن. رات گذارڻ کان پوءِ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ راولا ڪوٽ جي رستي مظفرآباد جي لاءِ روانا ٿيندا جن لاءِ وڏي پيماني تي عوامي چرپر کي روڪڻ جي لاءِ جڳهه جڳهه تي روڊن تي رنڊڪون بيهاريون ويون آهن. ٻئي پاسي پونچهه، باغ، ضلع جهلم ويلي ۾ اڄ به هڙتال ۽ ڦيٿو جام جاري آهي. گذريل ڏينهن مظاهرين کي ڪنٽرول نه ڪرڻ تي آزاد ڪشمير جي حڪومت ڪمشنر مظفر آباد ۽ ڊي آءِ جي مظفر آباد کي بدلي ڪري ڇڏيو هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر عوامي ايڪشن ڪميشن کي ڳالهين جي ميز تي اچڻ جي دعوت ڏني آهي پر عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن اڃان تائين ڪوبه جواب نه ڏنو آهي.