سکر ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ واسي پنهنجي ڌرتي سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪرڻ لاء سنڌ جو ثقافتي ويس سنڌي اجرڪ ٽوپي ۽ پٽڪو ٻڌي شهر ۽ ڀروارن علائقن مان ريلين جي صورت ۾ سکر پريس ڪلب آڏو رٿيل مک تقريب ۾ پهتا نوجوان ، پوڙھا توڙي معصوم ٻارڙا وڏي انگ م شريڪ ٿيا مک تقريب ۾ سنڌ جي ناليواري راڳين وڪي بابو ۔ غلام عباس ، امام ڏنو ميراڻي سميت ٻين سنڌ جا قومي گيت ڳائي شريڪ ماڻھن کي جهومايو پريس ڪب آڏو منعقد مک تقريب واري هنڌ تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا ھئا جڏھن ته مينارا روڊ نيم جي چاڙھي لب مھراڻ گھنٽا گھر،بندبندر روڊ ڦوھارا چوڪ ملٽري روڊ سميت شھر جي روڊ رستن چوڪن تي سنڌي ٽوپي اجرڪن جا سڄو ڏينھن ميلا متل رھيا،جيئي سنڌ قومي محاز،عوامي تحريڪ ترقي پسند پارٽي سميت سياسي سماجي تنظيمن ۽ عورتن توڙي ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آخري اطلاعن تائين تقريب ۾ ريلين آمد جو سلسلو جاري رهيو.
