ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سيلز ۽ انڪم ٽيڪس جون رعايتون ۽ ڇوٽ مرحليوار ختم ڪرڻ جي تجويز سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ امپورٽڊ ٽريڪٽرز تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي ۽ ڪمرشل امپورٽرز تي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ڪمشل درآمد ڪندڙن جي خريدارين تي ود هولڊنگ تي ٽيڪس جي ڇوٽ هوندي. ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ ڪمرشل درآمد ڪندڙن جي آمدني تي انڪم ٽيڪس ود هولڊنگ لڳائڻ جي تجويز آهي ۽ پراڻي درآمدي گاڏين تي به ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي. جڏهن ته ڪمرشل امپورٽز تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ سان ساليانو 25 ارب روپين تائين روينيو ملڻ جو امڪان آهي. ايف بي آر جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪڻڪ جي درآمد جي حوصله شڪني لاءِ بجيٽ ۾ اضافي ٽيڪس ڊيوٽي لڳائڻ جي به تجويز آهي. ذريعن موجب بجيٽ ۾ ٽريڪٽر ۽ جيت مار دوائن تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو امڪان آهي. ٽريڪٽر ۽ جيت مار دوائن تي ٽيڪس ڇوٽ جي خاتمي سان زرعي لاڳت وڌيڪ وڌي ويندي. هلندڙ سال ٽريڪٽر ۽ جيت مار دوائن کي سيلز ٽيڪس مان ڇوٽ حاصل هوندي، جڏهن ته ٽيڪس ڇوٽ ختم ٿيڻ سان ايندڙ مالي سال ۾ 30 ارب روپيه روينيو ملڻ جي به اميد آهي.