مظفر آباد ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار، فائرنگ سبب 2 مظاهرين مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فائرنگ سبب 2 مظاهرين مارجي ويا جڏهن ته ٻارڙي سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل موجب اٽي تي سبسڊي ۽ بجلي جون قيمتون گهٽ ٿيڻ باوجود مظفر آباد ۾ مظاهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ چڪريون ٿيون آهن جنهن ۾ اهلڪارن جي سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا جڏهن ته ٻارڙي سميت 14 مظاهرين زخمي ٿيا جن مان پنج جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. رپورٽ موجب مظاهرين پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فائرنگ کان پوءِ 3 گاڏين کي باهيون ڏئي ڇڏيون ۽ لاشن سان گڏ امبور ۾ مرڪزي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ شهرين جي زخمي ٿيڻ کان پوءِ شهرين کان سي ايم ايڇ اسپتال پهچي رت جو عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. مظفر آباد ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر انٽرنيٽ سروس کي مڪمل بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته موبائل سروس به جزوي طور تي معطل ڪئي وئي آهي. مختلف هنڌن تي مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون به ٿيون جنهن ۾ پوليس شيلنگ جڏهن ته مظاهرين اهلڪارن تي پٿراءُ ڪيو. عوامي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي عهديدارن امبور واري هنڌ تي پهتا انهن مظاهرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته اعلان ڪيو ويو ته مارجي ويل نوجوانن جي جنازي نماز سڀاڻي ٻنپهرن جو 2 وڳي ادا ڪئي ويندي. ذريعن موجب ڪور عوامي ايڪشن ڪميٽي نئين صورتحال ۽ ڇڪتاڻ کان پوءِ ڪور ڪميٽي جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي جنهن کان پوءِ ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. هوڏانهن مظفر آباد ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ ڪوٽلي، کهوٽي رٽه سميت مختلف علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر حڪومت مخالف مظاهرا شروع ٿي ويا آهن. آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر مظفرآباد جي موجوده صورتحال تي بيان ڏيندي چيو آهي ته اڄ ٿيندڙ واقعو سانحي کان گهٽ نه آهي. قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک پهتو آهي. صورتحال تي فوري قدم کڻڻ گهرجي. حڪومت حڪمت عملي کي تبديل ڪري. هن اپيل ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صبر جو مظاهرو ڪن. ايڪشن ڪميٽي جا ذميوار به صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار اد اڪن. ٻئي پاسي آزاد ڪشمير ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم سردار عبدلاقيوم نيازي مظفرآباد ۾ نوجوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جي فوري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.