نواز شريف گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، ڪنهن به وقت پاڪستان واپسي جو امڪان

لاهور، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف ملڪ واپسي جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي انتهائي ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته پارٽي اڳواڻ ميان نوازشريف جو ايندڙ چونڊن کان اڳ ملڪ واپسي جو پروگرام طئي ٿي چڪو آهي. جڏهن ته نئين اڳڀرائي جي طور تي نوازشريف پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙي ٿو ته اتي آئين موجب 90 ڏينهن جي اندر نيون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ ان صوبائي چونڊن جي اليڪشن مهم به هو پاڻ پاڪستان اچي هلائيندو ،ذريعن موجب اهڙي صورتحال ۾ نوازشريف ڪنهن به وقت پاڪستان اچي سگهي ٿو. نوازشريف ان سلسلي ۾ پنهنجن وڪيلن سان به صلاح مشورا ڪري ورتا آهن سندس اچڻ کان پوءِ فوري طور تي عدالتن ۾ سندس سزائن تي ٻڌڻي هيٺ نظرثاني اپيلن جي پيروي شروع ڪئي ويندي شريف فيملي جي انتهائي ويجهو رهندڙ ذريعن موجب اعليٰ سطح تي اهو فيصلو ٿيو آهي ته نواز شريف هاڻ ملڪ جي سياست کان پري نه رهندو ۽ پنهنجن پارٽي ۽ حامين جي ايندڙ چونڊن ۾ رهنمائي ڪندو
ذريعن موجب نوازشريف جي تاحيات نااهلي جو ڪيس هاڻ ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ سپريم ڪورٽ طرفان فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي خاتمي جي فيصلي مسلم ليگ(ن) اڳواڻ جي قومي سياست ۾ واپسي جي رستي ۾ رنڊڪ ختم ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن اهي به رپورٽون اچي رهيون آهن ته ميان نوازشريف جي ملڪ واپسي جي صورت ۾ مريم نواز وقتي طور تي لنڊن ۾ ئي ترسندي.

پنھنجي راءِ لکو