مسلسل گهٽتائي کانپوءِ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ

 مسلسل گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ اڄ سون جو اگهه وڌي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2 هزار 900 رپيا واڌ کانپوءِ ٻه لک 44 هزار رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 487 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 9 هزار 191 رپين جو ٿي ويو. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 28 ڊالر واڌ سان 2345 ڊالر في اونس آهي.