ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ نبي بخش گولو جي رھواسين محمد اشرف ولد ساجن گولو، لياقت علي گولو۽ محمد عارب گولو صحافين سان ڳالهائيندي چيو

ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ نبي بخش گولو جي رھواسين محمد اشرف ولد ساجن گولو، لياقت علي گولو۽ محمد عارب گولو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي برادري جا بااثر ماڻهو علي بخش گولو، پيارس گولو، امداد گولو ۽ نور محمد گولو اسان سان ناجائزي ڪري اسان جي زمين جيڪا گڏيل آھي. اھا بھلڪاڻي کي وڪرو ڪري ڏني اٿن. اسان مٿان ناحق ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا اٿن.۽ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ۽ اسان سان ظلم ڪري رھيا آھن. ڪنڌڪوٽ جي سي سيڪشن ٿاڻي تي اسان مٿان ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرايائون جيڪا جج صاحب انڪوائري ڪري ڪيس ختم ڪري اسان کي ڇڏي ڏنو. ۽ بعد ۾ انهن وري بخشاپور ٿاڻي تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي. جيڪا سيشن جج انڪوائري ڪري اسان کي ڇڏي ڏنو. اسان جي گھرن تي رات جو ڏينهن جو حملا ڪرائن ٿا. ۽ چور موڪلن ٿا. اسان غريب ۽ مسڪين ماڻهو مزدوري ڪيون يا پنهنجي گھرن تي پھرو ڏيون. اسان کي ڌمڪائن ۽ ڊيڄارن ٿا. ۽ ھراسمينٽ ڪرن ٿا. ھو بااثر ماڻهو آهن. ۽ پئسي وارا آهن. ۽ اسين غريب ماڻهو آھيون. اسان مير شبير علي بجاراڻي، مير عابد خان سندراڻي ۽ سردار محمد صلاح گولو کي اپيل ڪيون ٿا ته مھرباني ڪري اسان جي زمين واپس ڪرائي وڃي. ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي. اسان ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور، ايس ايس پي ڪشمور، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، آئي جي سنڌ ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا مھرباني ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي بيچيني ختم ٿئي ۽ سک جو ساهه کڻي سگھون.