97

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم اسڪواڊ جو اعلان ڪڏهن ڪندي

آءِ سي سي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ لاءِ مينيجمينٽ سوچ ويچار ڪري رهي آهي. ذريعن موجب انگلينڊ ۾ موجود 18 رڪني اسڪواڊ مان 15ڪرڻ لاءِ غيريقيني صورتحال پيدا ٿيل آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان انگلينڊ خلاف پهرين مئچ بعد ڪندو، ورلڊ ڪپ اسڪواڊ لاءِ اعلان جي آءِ سي سي ڊيڊلائن 24 مئي آهي. ياد رهي ته حارث رئوف، عثمان خان ۽ سلمان علي آغا کي آئرلينڊ ۾ موقعو ناهي مليو. حارث رئوف جي بيڪ اپ لاءِ حسن علي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو، جنهن کي به آئرلينڊ خلاف موقعو نه ڏنو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ حارث رئوف کي 100 سيڪڙو فٽنس ثابت ڪرڻي پوندي، جڏهن ته ٽريولنگ ريزرو جي صورت ۾ عثمان خان، سلمان علي آغا ۽ حسن علي جي شموليت جو امڪان آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو