لاهور، لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ تحريڪ انصاف جي احتجاجي ڌرڻن جي ڪيس ۾ اسد عمر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي جسٽس جواد حسن تحريڪ انصاف جي احتجاجي ڌرڻن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ سي پي او، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ۽ تحريڪ انصاف طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌڻي دوران جسٽس جواد حسن ريمارڪس ڏنا ته اسد عمر 26 نومبر تي جلسي ۾ عدالتن ۽ ججز کي نشانو بنايو. پهريان اسد عمر جي 26 نومبر جي جلسي ۾ ڪيل تقرير کي ڏسنداسين هن جلسي ۾ عدالتن کي اسڪينڊلائيز ڪيو ۽ عدليه جي خلاف توهين جوڳا لفظ استعمال ڪيو عدالت چيو ته ايڊيشنل رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي درخواست تي اسد عمر جي خطاب جي جوابي طلبي ڪئي آهي. آئين جي آرٽيڪل 14 تحت ڪنهن به اداري ۽ شخصيت کي تڪراري نٿو بنائي سگهجي. عدالت کي اختيار آهي ته آرٽيڪل 204 بي جي تحت سزا ڏئي سگهي ٿي
