ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ تي مون کي موت جي سزا ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي: نواز شريف

ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته اسان ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو، اهو نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ ۾ مارشل لا هنيو ويو، ان کانپوءِ جعلي ڪيس ڀوڳيا ۽ سزا ٻڌائي وئي، ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ تي مون کي موت جي سزا ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي 1993 ۾ ڇو اسان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ن ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پارٽي جي بهترين ساٿين تي سنگين ڪيس ٺاهيا ويا، ڏکين حالتن ۾ ن ليگ بهادري سان مقابلو ڪيو، ٻڌايو وڃي ته 1993 ۾ اسان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڇو ڪيو ويو؟ اسان جي حڪومت جاري رهي ها ته اسان جو ملڪ دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ حاصل ڪري چڪو هجي ها. سندس چوڻ هو ته اسان جي 70 سالن جي تاريخ واقعن جا ڀري پئي آهي، جلا وطني کانپوءِ واپس آيس ۽ 2013 ۾ ٻيهر اسان جي حڪومت آئي، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 2013 ۾ بني گالا ويو هيس، بني گالا ۾ ان وقت سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي هئي، سازش ڪري ڌرڻا شروع ڪيا ويا هئا.