پريٽ آباد جي رهواسڻ ناري عائشه جي اغوا جو ڊرامو ڪوڙو نڪتو، پوليس ڄاڻايل ناري ۽ هڪ نوجوان کي کنڊو ڀرسان هٿ ڪري ورتو. رپورٽ موجب حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد مان اغوا ڄاڻايل ناري عائشه جي اغوا جو ڊرامو ڪوڙو نڪتو، پوليس موجب ناري عائشه قاسم آباد جي رهواسي مختيار نالي نوجوان کي پسند ڪندي آهي. پوليس موجب ٻنهي ڄڻن گهر مان ٻاهر نڪرڻ جو پلان ٺاهيندي گهر مان فرار ٿي ويا. پوليس موجب ٻنهي وٽ جڏهن پئسا ختم ٿيا ته انهن گهر وارن کي چيو ته اسان کي اغوا ڪيو ويو آهي. پوليس موجب عائشه ۽ مختيار اڄ کنڊو اسٽاپ تان مليا، عائشه جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو آهي جنهن ۾ ڪابه بيهوشي جي نشاني ناهي ملي. ياد رهي ته پريٽ آباد جي رهواسڻ ناري عائشه 9 ڏينهن اڳ گهر وارن کي اهو چيو هو ته آفيس مان گهر اچي رهي آهيان جنهن کان پوءِ اها گهر نه پهتي، جنهن سبب سندن گهر وارن ٿاڻي ۾ درخواست داخل ڪئي جڏهن ته پريس ڪلب آڏو مظاهرا پڻ ڪيا ويا.