سکر .قومي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي چيو آهي ته ڀارت جا ماڻهو پاڪستان کي پنهنجي ملڪ ۾ کيڏندي ڏسڻ چاهين ٿا، ڪرڪيٽ جي ڪري ئي مونکي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پيار مليو، پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، ويزا نه ڏيڻ جهڙي حرڪتون ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهن ته ڇا توهان پڙهي لکي قوم آهيو، ڪرڪيٽر امن ۽ محبت جو پيغام کڻي ويندا آهن سکر چيمبر جي دوري جي موقعي تي قومي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ڊپلوميسي سٺي شيءِ آهي، وڙهڻ سان مسئلا حل نٿا ٿين، عوام جي خدمت ڪري سياستدان جو ڪم ڪري رهيو آهيان پر وڙهڻ نٿو چاهيان. چونڊن ۾ اسان کي هڪ طرف رهڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته ملڪ جي معاشي صورتحال ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي، سنڌ ۽ بلوچستان ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، جتي متاثرين انتظار ڪري رهيا آهن ته ڪو کين مٿي تي ڇت ڏئي، کين راشن ڏئي، سياستدانن کي متاثرين جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ راندين جا فنڊ هتي اچن ٿا پر استعمال نه ٿيڻ ڪري واپس هليا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته ان کي استعمال ڪرڻ جي ڪنهن کي به خبر ناهي، هن چيو ته اسان جي دور ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مقابلا ٿيندا هئا. ليول ته هاڻي به اهو ضروري ناهي ته جيڪي والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلي رهيا آهن اهي ڊاکر يا انجنيئر بڻجن، جيڪڏهن انهن ۾ ٽيلنٽ آهي ته هو رانديگر به بڻجي سگهن ٿا، هتي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جو فرض آهي. هن چيو ته مون عمران خان کي ڏسي ڪرڪيٽ شروع ڪئي ۽ کيس آئيڊيل بڻائي ڇڏيو، شاهد آفريدي چيو ته سنڌ جي مهمان نوازي به پٺاڻن وانگر مشهور آهي، سکر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سکر چيمبر آف ڪامرس تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي.
