شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وي سي خليل ابوپوٽو رجسٽرار مريد ابوپوٽو ڪنٽرولر علي حسن هاليپوٽو جي ڪرپشن خلاف سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سکر،سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچرارز ايسو سي ايشن (سپلا)ضلعي سکر شاھ عبدالطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور انتظاميا جي مبينه ڏاڍاين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ضلعي صدر بدر قريشي۔ديدار ميراڻي۔ ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته وي سي خليل ابوپوٽو۔رجسٽرار مريد ابوپوٽو ۽ ڪنٽرولر علي حسن هاليپوٽو يونيورسٽي ۾ رشوت جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته شاگردياڻن کي رشوت نه ڏيڻ تان فيل ڪيو پيو وڃي ۽ امتحاني سلپن ۾ به غلطيون ڪري شاگردياڻن کي پريشان ڪري رهيا آھن اسان ليڪچرارن کي امتحاني ڊيو ٽيون به نه ٿا ڪرائن جيڪو عمل ناانصافي آھي 2017 جا بل به ادا ناهن ڪيا مظاهرين چتاء ڏنو ته جيڪڏهن شاگردياڻن سان ٿيندڙ ناانصافيون ختم نه ٿيون ته احتجاج جو دائرو وڌائڻ تي مجبور ٿي وينداسين۔
