سکر، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف طرفان نون صوبن جي قيام ۽ آئيني ترميمن جي لاء اسپيشل ڪميٽي جي تشڪيل ڏيڻ ۽ نون صوبن ٺاھڻ جي ھلندڙ ڳاليھن تي پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي پاران سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي پنھنجي اتحادين سان گڏجي سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي جي خلاف سازش ڪري رھيون آھن ھي سازش پي ڊي ايم ۽ پيپلز جي ايم ڪيو ايم سان اتحاد جي ھڪ سنڌ دشمن ڪڙي آھي جنھن کي اسين ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين, پريس بيان جاري ڪندي مبين جتوئي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا چار ئي صوبا تاريخي ۽ وحدت آھن ۽ قومي وحدت کي ڪنھن به بنياد تي تقسيم نٿو ڪري سگھجي تاريخي وحدتن جي وراھست پاڪستان کي ٽوڙڻ جي جي برابر آھي ھن چيو ته وفاقي حڪومت جڏھن به ڪمزور ٿيندي آھي ته اقتدار کي سھارو ڏيڻ لاء پنھنجي اتحادين سان ملي نون صوبن جو راڳ آلاپڻ شروع ڪندي آھي پيپلز پارٽي سنڌ سان ڪڏھن به وفاداري ناھي ڪئي ۽ ھميشه پنھنجي مفادن تحت سنڌ کي استعمال ڪيو آھي پيپلز پارٽي ھميشه اقتدار خاطر سنڌ کي ورھائڻ جي سازشون ڪندي رھي آھي ماضي ۾ به پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان ملي ٻٽي نظام جي ذريعي سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ڪئي ھئي مگر سنڌ جي عوام جي طرفان ڀرپور مزاحمت ڪرڻ سبب ان کي پنھنجو سنڌ دشمن فيصلو واپس وٺڻو پيو اڄ وري پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي کي خبردار ڪريون ٿا ته سنڌ جي وحدانيت جي خلاف ڪنھن به فيصلي تي عمل ڪرڻ کان پرھيز ڪئي وڃي پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جا ميبر جيڪي ھن ڪميٽي جا ممبر آھن اھي پنھنجو قبلو درست ڪن ملڪ جي تاريخي وحدتن جي خلاف سازشن کان پري رھن, ھن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي مرڪزي قيادت ۽ خاص طور سنڌ سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ممبرن کي خبردار ڪريون ٿا ته اگر انھن سنڌ جي وحدت جي خلاف ڪنھن به قسم جي سازش ۾ حصو ورتو يا سنڌ دشمن ڪي به قدم کيا ته انھن کي سوچڻ گھرجي ته انھن کي واپس سنڌ ۾ ئي اچڻو آھي ۽ پوء سنڌ جي عوام انھن کي سنڌ ۾ سک سان ويھڻ نه ڏيندي ھن وڌيڪ چيو ته اسين سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي جي خلاف سازشن کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين اسين پنھنجي سرزمين جي ھڪ انچ تي قبضو قبول نه ڪنداسين سنڌ کي ورھائڻ جو ڪو به قانون پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسين سنڌ جي عوام سان گڏجي سخت مزاحمت ڪنداسين ۽ پارليامينٽ جو گھراء ڪنداسين
