ڪشمور پوليس پاران مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا

ڪنڌڪوٽ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ لڳ 12 ڏينهن اڳ دبئي ھوٽل ڀرسان مڇي جي فارم تان چوڪيدار ڪليم الله ميراڻي کي ھٿياربندن اغوا ڪري ويا جيڪو ڊرامائي آنداز م بازياب ڪشمور پوليس پاران مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا اغوا ٿي ويل ميراڻي ڀنگ ڀري بازياب ٿيو آهي زريعا تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد م 12 ڏينهن اڳ دبئي ھوٽل ڀرسان مڇي جي فارم تان چوڪيداري ڪندڙ ميراڻي برادري جو نوجوان ڪليم الله ميراڻي کي نامعلوم ھٿياربندن اغوا ڪري ويا جڏهن ته ڪشمور پوليس پاران مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو آهي ڪشمور پوليس مطابق اسان کي اطلاع مليو ته مغوي کي ٻئي ھنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي اھڙي اطلاع بعد ايس ايس پي ڪشمور جي حڪم تي دراني مھر جي ڪچي واري علائقي م سرچ آپريشن مڪمل گھيرو ڪيو ھٿياربندن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ م ھٿياربندن مغوي کي ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا ۽ مغوي ڪليم الله ميراڻي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ھوڏانھن زريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪو به مقابلو نه ٿيو آهي مغوي جي وارثن ڀنگ ڀري نوجوان کي بازياب ڪرائي ورتو آهي جڏهن ته مغوي جي بازياب ٿيڻ تي گهر خوشي جھيڙو ماحول ٿي ويو ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ چيو ته جلد ٻيا به مغوين کي بازياب ڪرائي امن امان بحال ڪيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو