اسلام آباد، سپريم ڪورٽ سينئر صحافي ارشد قتل ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد، سپريم ڪورٽ ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ سينئر صحافي ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو ،چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ ارشد شريف قتل ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي اڄ ڏينهن جو ساڍي 12 وڳي ڪندو عدالت گهرو سيڪريٽري، اطلاعات بابت سيڪريٽري سميت ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي آءِ بي ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽ جي صدر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي ترجمان چيو آهي ته صحافي برادري ۽ عوام ارشد شريف جي قتل تي ڳڻتي جو شڪار آهي ان ڪري عدالت سڳوري طرفان پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو آهي ،ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سينئر صحافي ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکيو هو. تحريڪ انصاف طرفان ٽوئٽر تي جاري ڪيل اعلاميي ۾ ٻڌايو ويو هوته عمران خان ارشد جي قتل جي آزادانه جوڊيشل ڪميشن تحت جاچ ڪرائڻ جي لاءِ چيف جسٽس پاڪستان کي خط لکيو آهي.
تحريڪ انصاف طرفان ٽوئٽر تي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ عمران خان کي خط لکندي ڏٺو ويو آهي. جڏهن ته هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ عمران خان جو خط به پوسٽ ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته 23 آڪٽوبر تي نيروبي ۾ مگاڊي هاءِ وي تي سڃاڻپ ۾ غلطي سبب پوليس ارشد شريف کي مٿي تي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو

پنھنجي راءِ لکو