پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدارت لاءِ چونڊون اڄ منعقد ڪيون پيون وڃن پارٽي اڳواڻ نوازشريف سميت 10 ليگي اڳواڻ پارٽي صدارت جي لاءِ اميدوار جي طور تي سامهون اچي ويا آهن. ليگي ذريعن موجب پارٽي صدر جي چونڊن لاءِ مسلم ليگ(ن) جي جنرل ڪونسل جو اجلاس (اڄ) اڱاري تي طلب ڪيو ويو آهي.(ن) ليگ جي اليڪشن ڪميشن جي سربراهي راڻا ثناءُالله ڪندو جڏهن ته اقبال ظفر جهڳڙا، عشرت اشرف، جمال شاهه ڪاڪڙ ۽ کهيل داس ڪوهستاني اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۾ شامل آهن پارٽي صدر جي چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 20 مئي ٻنپهرن جو 1 وڳي کان 2 وڳي ٿيندي. جڏهن ته 4 وڳي(ن) ليگ جي مرڪزي جنرل ڪونسل نئين صدر جي چونڊ ڪندي. نوازشريف جي مقابلي ۾ 10 اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. ڪاغذ حاصل ڪندڙن ۾ بشير ميمڻ، عرفان صديقي، اسحاق ڊار، راجا محمد فاروق، حافظ حفيظ الرحمان ۽ غلام قادر شامل آهن. ان حوالي سان پارٽي اليڪشن جي چيف اليڪشن ڪمشنر راڻا ثناءُالله پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قائداعظم کان پوءِ نوازشريف مسلم ليگ کي سڀني کان وڌيڪ مشهور ۽ عوامي پارٽي ٺاهيو. راڻا ثناءُالله چيو ته نوازشريف ڪنهن سان به ڪاوڙيل نه آهي(ن) ليگ سان مراد نوازشريف آهي. پارٽي مڪمل طور تي نوازشريف جي نالي تي متفق آهي ڪنهن به قسم جو ماحول خراب نه ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شاهد خاقان عباسي به صدارت جي لاءِ ڪاغذ جمع ڪرائي سگهي ٿو. نوازشريف کان پوءِ پارٽي جيڪڏهن ڪنهن شخصيت تي متفق آهي ته اهو شهباز شريف آهي.