اسلام آباد، ارشد شريف قتل،اظهار جي آزادي کان سواءِ جمهوريت اڌوري آهي، جوديشل ڪميشن لاءِ چيف جسٽس کي خط لکيو هو،وزيراعظم

اسلام آباد، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ارشد شريف قتل جي جاچ لاءِ چيف جسٽس کي جوڊيشل ڪميشن لاءِ خط لکيو هو. اظهار جي آزادي کان سواءِ جمهوريت اڌوري آهي. ارشد شريف قتل جي واقعي تي ڪينيا جي صدر سان فون تي پڻ ڳالهايو هو، جنهن پڻ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ خاطري ڪرائي هئي وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ ڪوٺايل جرنلسٽ سيفٽي فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحافين جي تحفظ لاءِ حڪومتي قدم کنيا پيا وڃن ڇو ته اظهار جي آزادي معاشري ۽ ملڪ جي لاءِ اهم هوندي آهي هن چيو ته صحافين جي زندگي جي تحفظ لاءِ حڪومتي قدم پهرين ترجيح آهي. صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ چيف جسٽس کي جوڊيشل ڪميشن جي لاءِ خط لکيو هو
شهباز شريف چيو ته صحافي منهنجي دل جي تمام ويجهو آهن. صحافي ارشد شريف کي ڪينيا ۾ قتل ڪيو ويو جيڪو افسوسناڪ آهي صحافين کي فرض انجام ڏيڻ دوران تحفظ ڏيڻ اهم آهي

پنھنجي راءِ لکو