پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته عدت ۾ نڪاح ڪيس جو فيصلو نه ٻڌائڻ پري پلان جو حصو آهي، جج تي ڪيس نه ٻڌڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. شبلي فراز ۽ عمر ايوب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته خاور مانيڪا عدالت ۾ نامناسب لفظن جو استعمال ڪيو. بيرسٽر گوهر چيو ته هي اهو ڪيس آهي جيڪو 2 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي چڪو هو، اسان کي ثبوت پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي، اسان عدليه مان اميدون لڳائي ويٺل آهيون هن وڌيڪ چيو ته خاور مانيڪا عدالت کي چئي رهيو هو ته مون کي 10 منٽن جو وقت گهرجي. عدالت خاور مانيڪا کي 10 منٽ کان وڌيڪ جو وقت ڏنو. بيرسٽر گوهر چيو ته خاور مانيڪا عدالت ۾ تمام گهڻيون غير اخلاقي ڳالهيون ڪيون آهن. ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي شبلي فراز چيو ته خاور مانيڪا عدالت ۾ فحش ڳالهيون ڪيون. انصاف جي عهدي تي ويٺل ججز کي انصاف ڪرڻ گهرجي. عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي قيد ۾ رکڻ جو ڪيس ختم ٿي چڪو آهي. عدالت ۾ چڙ ڏياريندڙ ڳالهيون ڪيون ويون اسان ان باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو. شبلي فراز چيو ته سياسي طور تي ٺاهل ڪيس ۾ دير جا طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن عورتن تي به ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا جنهن سان عورتن جي توهين ٿي عدالتن تي يقين آهي ته اسان کي انصاف ضرور ملندو. شبلي فراز چيو ته خاور مانيڪا عدالت ۾ ڪڌي زبان استعمال ڪئي. خاور مانيڪا ڪيتريون ئي فحش ڳالهيون ڪيون عدالت کي خاور مانيڪا کي روڪڻ گهرجي ها.