سکر (بيورورپورٽ)سکر محمدي چوڪ لڳ دوڪان جي مالڪي تان جهيڙو ٽي ڄڻا زخمي اسپتال داخل ان سلسلي ۾ سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد محمدي چوڪ لڳ جوابدارن دوڪان تي قبضو ڪرڻ لاء زبردستي تالا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته دوڪاندار عبدالڪليم۔ضياءالحق ۽ سندن ڀاء ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا شھرين جي مداخلت بعد جوابدار فرار ٿي ويا بعد ۾ زخمين کي اسپتال داخل ڪرايو ويو ان ڏس ۾ زخمين جو چوڻ ته جوابدار زبير هٿٿياربندن سان گڏجي دوڪان تي زبردستي قبضو ڪرڻ لاء اچي اسان جي دوڪان کي تالا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته تلا هڻڻ کان روڪڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو آھي هنن اعلي اختيارن کان جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي۔
