وزيراعظم جو ڏنل بيان غلط قرار: پيٽرول جي قيمت ۾ صرف 4 روپيه 74 پئسا گهٽتائي

ناڻي واري وزارت پيٽرول جي قيمتن ۾ صرف چار روپيه 74 پئسا گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته انڪشاف ٿيو آهي ته  وزيراعظم شهباز شريف جو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت ڏنل بيان غلط قرار ڏنو ويو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 7.74 پئسا جڏهن ته ڊيزل 3.84 پئسا گهٽ ڪئي وئي آهي پيٽروليم شين ۾ تازي گهٽتائي کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 268 روپيه 36 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت 270 روپيه 22 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. نئين قيمتن تي پيٽرول جو وڪرو رات 12 وڳي کان پوءِ شروع ٿي ويو هو جيڪو  پندرنهن جون جي رات 12 وڳي تائين جاري رهندو. ياد رهي ته وزيراعظم هائوس مان شهباز شريف سان جوڙي ڪري پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جون هدايتون جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو جنهن تي وزيراعظم حيرانگي جو اظهار ڪندي واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان کان اڳ اهي خبرن سامهون آيون هيون ته وزيراعظم ناڻي واري وزارت طرفان سمري ملڻ کان پوءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 15.40 روپيه ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 روپيه 90 پئسن جي لاٿ جي منظوري ڏني وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته حڪومت جي عوام دوست پاليسين سان مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي ٿي ۽ معاشي استحڪام آيو آهي.