(ن) ليگ جي صدر نوازشريف چيو آهي ته عمران خان کان انتقام وٺڻ جو سوچيو به نه آهي. ميان نوازشريف جي صدارت هيٺ مري ۾(ن) ليگي سينيٽرز جو اهم اجلاس ٿيو. ميان نوازشريف ليگي سينيٽرز کي ايوان ۾ عوام جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ميان نوازشريف ملڪ خاطر ملي هلڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اسان پنهنجي سياسي مخالفن سان ويٺاسين ته جيئن ملڪ ٻيهر پٽڙي تي اچي سگهي جڏهن ته قيد جي دوران عمران خان اسان تي پنهنجو پورو زور هلايو. هن آمريڪا وڃي اسان جا اي سي لاهڻ جون ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته يقين ڪريو مون ڪڏهن به هن کان انتقام وٺڻ جو سوچيو به نه هو. مون کي ان کان ڪنهن به قسم جو انتقام ناهي وٺڻو، نه ئي مون کي غرض آهي ته ان کي جيل ۾ ڪهڙيون سهولتون ملي رهيون آهن. نوازشريف شاهد خاقان عباسي جي ڀيڻ سعديه عباسي کي اجلاس ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته مون کي ياد آهي ته جڏهن مان ۽ شاهد خاقان جيل ۾ هئاسين ته سعديه عباسي صبح شام اسان جي خدمت ڪندي رهندي هئي. سعديه به نهايت ئي ڏکين حالتن کي منهن ڏنو آهي، اسان سان تمام وڏو ظلم ڪيو ويو آهي منهنجي اکين جي سامهون منهنجي ڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو، هيءَ مريم نواز کي ٻاهر به گرفتار ڪري سگهيا ٿي پر انهن جي ڪوشش هئي ته ڪيئن به ڪري مون کي ٽوڙيو وڃي. نوازليگ جي صدر پارٽي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڏيندي چيو ته شاهد خاقان عباسي منهنجي مشڪل وقت جو ساٿي آهي ۽ ان سان منهنجو پراڻو تعلق آهي.