چين جي ٽيراڪوٽاوارنير ميوزيم جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عظيم قومون چين جيان پنهنجن تاريخي ورثن جون حفاظت ڪنديون آهن. وزيراعظم پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيرا ڪوٽاوارئير ميوزيم جو دورو ڪيو. وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُالله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري، رانا تنوير حسين به دوري جي دوران وزيراعظم سان گڏ هو. دوري جي دوران شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي تاريخي ورثن جي تحفظ، بحالي ۽ سياحت کي هٿي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ميوزيم جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ قديم چيني تاريخي ورثن جي خوبصورتي ۽ چيني هنر جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 2 سئو سال اڳ مسيح جي چيني ڪاريگرن جو هنر تعريف جوڳو آهي. چيني حڪومت جي انهي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي تعريف جوڳي آهي. عظيم قومون چين جيان پنهنجي تاريخي ورثن جون حفاظت ڪنديون آهن. هن چيو ته چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي. چيني صدر جن پنگ جي ميوزيم جي دوري جي دعوت تي ان جو ٿورائتو آهيان پاڪستان تاريخي، ثقافتي، ورثي سان مالا مال آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ به اهڙين تاريخي جڳهين جي بحالي کان پوءِ انهن کي سياحتي هنڌن ۾ تبديل ڪنداسين. ياد رهي ته گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي پنهنجي اباڻي شهر شي آن مين ٽيا ڪوٽا وارٽيرز ميوزيم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي.