اسلام آباد،اسيمبليون نه ٽوڙيو: صلاح مشوري سان نئون سيٽ اپ جُڙي سگهي ٿو، زرداري، شجاعت ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي 2 ڏينهن اڳ آصف علي زرداري چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي هئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيمه ۽ رخسانه بنگش به موجود هئا.
ذريعن موجب ملاقات دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تجويز ڏني هئي ته پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي اسيمبليون نه ٽوڙي صلاح مشوري سان نئون سيٽ اپ جوڙي سگهجي ٿو ذريعن موجب ملاقات دوران آصف علي زرداري چوڌري شجاعت حسين کي يقين ڏياريو ته نئين سيٽ اپ ۾ حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير نه هوندو. ذريعن اهو به چيو آهي ته ملاقات ۾ چوڌري شجاعت آصف علي زرداري کي پرويز الاهي سان ڳالهيون ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي

پنھنجي راءِ لکو