تحريڪ انصاف سياسي قيادت سان ڳالهين جي لاءِ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود اچڪزئي کي مڪمل اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت طرفان پارٽي کي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم سان ڳالهين جو مشورو ڏنو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته محمود اچڪزئي کي سياسي قيادت سان ڳالهين جي لاءِ مڪمل اختيار ڏنو ويندو. سياسي قيادت سان رابطي کان اڳ ڳالهين جي شرط ۽ طريقيڪار تي مشاورت ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ جي حتمي فيصلي کان پوءِ محمود اچڪزئي ڳالهين جي لاءِ رابطا اڳيان وڌائيندو. سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ سان گڏ چونڊ عمل جي شفافيت ڳالهين جي ايجنڊا جو حصو هوندا. عدليه، پارليامينٽ ۽ رياستي ادارن جون آئيني حدون به ڳالهين جي نڪتن ۾ شامل هونديون. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي قيادت به ڳالهين جي عمل ۾ شامل هوندي.