سکر ،پاڪستان پيپلزپارٽي سکر ٽائون ڪميٽي يونين 4 محمد ياسين آرائين

سکر (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي سکريونين ڪميٽي 4 ٽائون جيئي شاهه جي نون چونڊيل چيئرمين ۽ سماجي شخصيت محمد ياسين آرائين چيو آهي ته عوام کي بنيادي ۽ مڪاني ادارن جون سهولتون فراهم ڪرڻ پ پ جي نمائندن ۽ ڪارڪنن جو اولين فرض آهي شهيدن اڳواڻن ۽ اڳواڻن جي منشور تي عمل مرڻ گهڙي تائين جاري رهندو، پ پ عوام جي واحد نمائندي پارٽي آهي جنهن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن بنا ڪنهن رنگ نسل جي عوام جي خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ مختلف وارڊن جي رهواسين سان ملاقات ڪرڻ بعد يوسي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. محمد ياسين آرائين چيو آهي ته چونڊيل مڪاني نمائندن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻيا اڳواڻ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي سميت عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن، عوام جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، محمد ياسين آرائين مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ اپيل ڪئي. پنھنجي يو سي کي صاف رکڻ لاءِ سينٽري اسٽاف سان تعاون جاري رکو.

پنھنجي راءِ لکو