سکر موٽر ورڪس ايسوسي ايشن جي 10 ڊسمبر تي ٿيندڙ اليڪشن جون تياريون

سکر(بيورو رپورٽ) سکر موٽر ورڪس ايسوسي ايشن جي 10 ڊسمبر تي ٿيندڙ اليڪشن جون تياريون زور ۽شور سان جاري چونڊ سرگرميون عروج تي اميدوارن جي ورڪ ۾ تيزي اچي وئي ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني ۾ پينلن جا جلسا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون به جاري آھن ۔رٺل مستري ووٽرن کي پرچائڻ وارو سلسلو به جاري ته اڳوڻن عهديدارن پاران پلاٽ نه ڏيڻ خلاف به داهون ٿي رهيون آھن۔ اليڪشن ڪميٽي به مليل ذميوارين کي نڀائڻ لاء رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏي۔جمع ٿيل نامزدگي فارمن کي آخري شڪل ڏيڻ سميت اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي الاٽ ٿيل نشان سان گڏ بليٽ پيپر جي تياريون به ٿي رهيون آھن۔اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻڻ وارو سلسلو به شروع ان سلسلي ۾ عدالتي حڪم تحت 10 ڊسمبر تي ٿيندڙ سکر موٽر ورڪس ايسو سي ايشن جي اليڪشن جون تياريون عروج تي پهتل۔ ڊپٽي ڪمشنر سکر جي نگراني ۾ ٿينديون اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاء ست کان وڌيڪ پينل جي اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو  سکر موٽر ورڪر پينل۔آزاد موٽر ورڪرز پينل۔سکر موٽر ورڪس پينل۔گوگوشاھ پينل۔خدمت پينل۔القائم پينل ۔ موٽر ورڪر بنيادي پينل ۽ٻين فارم جمع ڪرايا آھن جن کي نشان به الاٽ ٿي چڪا نشان الاٽ ٿيڻ بعد اليڪشن ورڪ تيز ٿي وئي آھي جلسا۔ڪارنر گڏجاڻين سميت دردر ووٽ وٺڻ واري مهم به جاري آھي ته ناراض ووٽرن کي پرچائڻ وارو عمل به هلندڙ آھي جڏهن پراڻن مسترين پاران پلاٽ نه ملڻ خلاف ڪاوڙ جو اظھار به ٿي رهيو آھي۔جڏهن ته اليڪشن ڪميٽي چيئرمين سيد سجاد علي شاھ چونڊ ڪميٽي ميمبرن ذاڪر علي سولنگي۔ مجاهد حسين سومرو ۽ آفيس سيڪريٽري سعيد احمد بلو سان گڏ اليڪشن انتظامن جي سلسلي ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏي آھي۔جڏهن ته اميدوارن پاران هٿ کڻڻ وارو عمل به شروع ٿي ويو آھي۔

پنھنجي راءِ لکو