جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي وڌيڪ بار وڌو ويو آهي جڏهن ته جاگيردارن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف آخري ڀيرو آءِ ايم ايف پروگرام جو واعدو ڪيو پر عوام کي هن تي ڀروسو نه آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته شهباز شريف آخري ڀيرو آءِ ايم ايف پروگرام جو واعدو ڪيو آهي پر عوام کي هاڻ ان تي ڪوبه ڀروسو نه آهي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڊائيگنوسٽڪ، اينجيوگرافي جي ڪٽس تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي، سرڪاري اسپتالن جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي پروجيڪٽس گهرجن، ڪي فور گهرجي پر سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪوبه هڪ نئون منصوبو نه ڏنو ويو. جماعت اسلامي جي امير چيو ته حج جي موقعي تي اسلام جي نمائندگي جو اظهار هوندو آهي. فلسطين ۾ ٻار لبيڪ چوندي سڀني ماڻهن کي پيغام ڏئي رهيا آهن.