پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز والد سان محبت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ پنهنجي ٻارن جي پرورش، رهنمائي ۾ پيءُ جو انمول ڪردار مڃڻ جو ڏينهن آهي. مريم نواز چيو ته والد جي خاموش قربانين کي مڃڻ گهرجي جيڪي اڪثر نظر انداز ڪيون وينديون آهن. بهتر مستقبل يقيني بنائڻ جي لاءِ پيءُ جي قربانين کي به مڃڻ گهرجي والد سايو ڏيندڙ وڻ آهي جيڪو ٽهڪندڙ اُس ۾ ٻارن جي لاءِ گهرو سايو بڻجي ويندو آهي. وزيراعليٰ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شفيق پيءُ سايو ڏيندڙ وڻ جيان آهي جنهن جو ڪوبه نعم البدل نه آهي پنهنجي ڪاميابي والد محمد نوازشريف جي نالي ڪريان ٿي جيڪو هر مشڪل وقت ۾ منهنجو حوصلو آهي. خوشقسمت آهيان جو نوازشريف جهڙو والد مليو ان جي ڌيءَ هجڻ تي مون کي فخر آهي. هن چيو ته روزاني والد کان دعائون وٺي نڪرندي آهيان، واپسي تي سڀني کان پهريان کيس سلام ڪندي آهيان، والدين جي عزت ڪندڙ ۽ اُف تائين نه چوندڙ دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿيندا آهن.