سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته اسان حيدرآباد وڃي 5 ڪروڙ 40 لک روپيه فوتي جي وارثن ۾ ورهائڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو. گرين سگنل ملي ويو آهي 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي فوري طور تي سولر ڏينداسين. سنڌ جي گورنر صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سانگهڙ ۾ هڪ اٺ جو پير ڪٽيو ويو هو مون متاثر ٿيل شهري کي 2 اٺ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن آءِ جي سنڌ کان سانگهڙ واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري طور تي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جو چيو آهي. جيڪڏهن اسان اهڙن ماڻهن کي کليل ڇڏي ڏنو ته اهي قوم تي عذاب آڻيندا سنڌ جي گورنر چيو ته اسان اٺن جي قرباني به ڪري رهيا آهيون اسان سڀني کي اجتماعي طور تي الله جي حضور معافي گهرڻ گهرجي. هن سال گورنر هائوس ۾ 100 اٺن جي قرباني ٿيندي قرباني جو گوشت مستحقين تائين پهچايو ويندو. سنڌ جي گورنر چيو ته گذريل سال جيان راشن به ورهايو ويندو. 20 هزار ماڻهن جي راشن جو انتظام ڪيو ويو آهي. قرباني جي گوشت سان گڏوگڏ مستحقين ۾ راشن به ورهايو ويندو. اڄ تائين گورنر هائوس کان جيڪي اعلان ڪيا ويا هئا. رب پاڪ اهي پورا ڪرايا آهن. هن چيو ته هن وقت 50 هزار ٻار گورنر هائوس ۾ پڙهي رهيا آهن. لکين خاندانن ۾ راشن جي ورهاست به جاري آهي. جنهن جي موٽر سائيڪل چوري ٿي ويندي آهي ان کي به مرحليوار موٽر سائيڪل ڏئي رهيا آهيون. گذريل ٻن سالن دوران 8 هزار فري ليپ ٽاپ شاگردن کي ڏنا. ڪامران ٽيسوري چيو ته 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي فري سولر لڳائي ڏينداسين جن جا گهر ڪرائي ۽ ٻار 10سالن کان ننڍا هوندا انهن کي تڪڙو فري سولر لڳائي ڏينداسين اهي 300 يونٽ تائين سولر جي ذريعي بجلي استعمال ڪري سگهندا. اسان گهرن ۾ سولر لڳائڻ جي ذميواري به کڻي رهيا آهيون. پرڏيهي پاڪستانين جي طرفان گرين سگنل ملي ويو آهي جنهن کان پوءِ اسان مرحليوار فري سولر ڏيڻ جو اعلان ڪري رهيا آهيون.