وزيراعظم شهباز شريف قومي ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اهم اجلاس ۾ پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ پرڏيهين جي سيڪيورٽي جي معاملن تي غور ۽ ملڪ جي گڏيل سيڪيورٽي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو وزيراعظم جي صدارت ۾ ٻنپهرن جو هڪ وڳي ٿيندڙ انهي اهم اجلاس ۾ عسڪري قيادت به خصوصي طور تي شرڪت ڪندي. جڏهن ته اجلاس ۾ سمورا وڏا وزير، گورنرز، چيف سيڪريٽري ۽ گهرو وزير به شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ دفاع وارو وزير، گهرو وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون اختياريون به موجود هونديون.