پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ۾ وفاقي ڪابينه جو حصو بنجڻ بابت ڳالهيون ضرور ٿيون هونديون. خٽڪ باغ نوشهره ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اڪثريت اهو فيصلو ڏئي چڪي آهي ته اسان حڪومت جو ساٿ ڏينداسين پر ڪابينه جو حصو نه بڻجنداسين، هن چيو ته وفاقي ڪابينه جو حصو بنجڻ يا نه بنجڻ جي حوالي سان فيصلو مرڪزي مجلس منتظمه جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. روبينه خالد چيو ته جيڪڏهن مرڪزي مجلس منتظمه جي اڪثريت وفاقي ڪابينه جو حصو بنجڻ جو فيصلو ڪري ورتو ته پوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انهي معاملي تي غور ڪندو.