آزاد ڪشمير جي وزيراعظم رياست لاءِ ملندڙ بجيٽ ۾ اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُالله آزاد، جمون، ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايندڙ بجيٽ ۽ آزاد جمون، ڪشمير ۾ ترقياتي ڪمن بابت ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آزاد جمون، ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق لاڳيتو حمايت تي پاڪستان جي حڪومت جو  ٿورو ادا ڪندي چيو ته  حڪومت جو بنيادي مقصد گڊ گورننس ۽ عوام جي فلاح، بهبود کي يقيني بنائڻ آهي. چوڌري انوارالحق چيو ته گذريل 5 سالن کان بجيٽ گرانٽ ۾ ڪوبه اضافو نه ٿيو آهي. سالياني ترقياتي منصوبن جو حدف پورو ڪرڻ جي لاءِ  بجيٽ گرانٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي، موجوده سياسي، سيڪيورٽي صورتحال کي آڏو رکندي آزاد، جمون، ڪشمير جي لاءِ بجيٽ گرانٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي ان موقعي تي راڻا ثناءُالله چيو ته بجيٽ گرانٽ ۾ اضافي جي تجويز تي مثبت غور ڪيو ويندو. حڪومت آزاد جمون، ڪشمير جي معاشي ترقي ۽ سماجي خوشحالي جي لاءِ دستياب وسيلا ڪم آڻيندي. آزاد جمون، ڪشمير جي عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ ضروري تعاون فراهم ڪنداسين. وفاقي حڪومت آزاد، جمون، ڪشمير جي غير مشروط حمايت جاري رکندي.