پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ذوالفي بخاري چيو آهي ته شيخ رشيد کي احساس ٿي ويو هوندو ته پي ٽي آءِ باني کان سواءِ هو ڪونسلر به نٿو بڻجي سگهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد تي تنقيد ڪندي هن چيو ته گذريل پنج سالن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪري شيخ رشيد کي عوام تمام گهڻي عزت ڏني. ذوالفي بخاري چيو ته مون کي نشانو بنائڻ جي حوالي سان شيخ رشيد کي ڪٿان کان اشارا ملي رهيا آهن انهي جي مون کي خبر نه آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو گهڻين ٻيڙين ۾ سوار ٿيندا آهن انهن سان آخر ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، شيخ رشيد پي ٽي آءِ باني ۽ عوام جي سامهون بي نقاب ٿي ويو آهي.