سکر ۾ باٽا شوز ڪمپني جا بورڊ هڻي دڪانن اندر لوڪل بوٽن جو وڪرو عام ٿي ويو

سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ باٽا شوز ڪمپني جا بورڊ هڻي دڪانن اندر لوڪل بوٽن جو وڪرو عام ٿي ويو، ريڙهي تي رستي جو مال سستو ڇهن سون ۾ وڪرو ٿيندڙ بوٽ، دو نمبر باٽا جي دڪان تي ٽي کان چار هزار روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو، سکر جي شهرين باٽا شوز ڪمپني ۽ انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته اهڙن دوڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي ڦرجڻ کان بچايو وڃي، تفصيل موجب، سياري جي موسم ايندي ئي سکر سميت سنڌ جي شهر ۾ گرم ڪپڙن ۽ بوٽن جي دوڪانن تي خريدارن جي رش لڳل آهن، جڏهن ته ٻه نمبر دوڪاندارن موقعي جو فائدو وٺندي سکر جي شاهي بازار، بندر روڊ، ايوب گيٽ، فريئر روڊ ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ پنهنجي دوڪانن ٻاهران باٽا شوز ڪمپني جا بورڊ هڻي دڪانن اندر لوڪل ڪمپنن جا بوٽ وڪرو ڪري غريب ماڻهن کي سرعام لٽي ۽ ڦري رهيا آهن، انهن خلاف باٽا شوز ڪمپني يا سکر انتظاميه ڪو به قدم ناهي کنيو، جنهن ڪري سکر جي بازارن ۾ دڪانن ٻهران روڊن تي جيڪو بوٽ ريڙهي وارا رستي جو مال سستو ڇهن سون ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، ساڳيو بوٽ دو نمبر باٽا جي دڪان تي امپورٽيڊ ڪمپني جي نالي تي ٽن کان چار هزار روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب باٽا شوز ڪمپني جي معيار کي ڌڪ رسڻ سميت بااثر دوڪاندار غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، سکر جي شهرين باٽا شوز ڪمپني ۽ انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته اهڙن دوڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي ڦرجڻ کان بچايو وڃي

پنھنجي راءِ لکو