پ پ جا مطالبا جائز هئا، انهن جون سموريون شڪايتون ختم ٿي ويون آهن: راڻا ثناءُالله

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پيپلز پارٽي جون شڪايتون هاڻ ختم ٿي ويون آهن انهن جا سمورا مطالبا جائز هئا. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته هر ڪنهن جي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي تڪ جي لاءِ وڌ کان وڌ فنڊز وٺي. اسان جا ميمبر به تڪ جي لاءِ فنڊز جو مطالبو ڪندا آهن انهن جي ڪاوڙ ۽ شڪايتون جائز هونديون آهن هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته گهرو وزارت ڪافي چيليجنگ هوندي آهي انهي کي وقت ڏيڻو پوندو آهي. ڳالهيون بنا ڪنهن شرط جي ٿينديون آهن، پهريان کان شرطون نه رکيون وينديون آهن. شاهد خاقان عباسي جي نئين سياسي پارٽي ۾ شموليت جي حوالي سان هن چيو ته اسان جي خواهش هئي ته شاهد خاقان عباسي(ن) ليگ ۾ رهي ها، منهنجي خيال ۾ هن وقت پاڪستان ۾ نئين پارٽي جي گنجائش نه آهي. پهريان ئي 200 جي ويجهو پارٽيون پاڪستان ۾ آهن. راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته نوازشريف ڪڏهن به جنرل باجوه کي توسيع ڏيڻ جي آڇ نه ڪئي هئي. محمد زبير ڪڏهن به نوازشريف جي ويجهو نه رهيو. محمد زبير جون ڳالهيون صرف اندازو آهن.