اسلام آباد، حڪومت طرفان پي ٽي آءِ سان ڳالهين تي راضپي بابت خبرن تي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان خدشن جو اظهار ڪيو آهي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ماضي ۾ پي ڊي ايم اڳواڻن کي چور ۽ ڦورو چوندو رهيو، ساڻس ڪنهن به صورت ۾ ڳالهيون نه ٿينديون وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران پي ڊي ايم سربراهه چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ وارو پهريان پارٽيءَ جي اندروني بحران کي سنڀالي، اسان دٻاءُ ۾ نه اينداسين ۽ نه ئي وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون
