اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گرفتاري غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ڪميشن جي رپورٽ کي ڪالعدم قرار ڏيندي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ پنجاب جي گهرو وزارت کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته 21 مئي 2022 تي اينٽي ڪرپشن پنجاب شيرين مزاري کي گرفتار ڪيو هو.