اسلام آباد، سپريم ڪورٽ ارشد شريف قتل ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران حڪومت جي قائم ڪيل جي آءِ ٽي تي خدشن جو اظهار ڪندي نئين جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ارشد شريف قتل ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پرڏيهي سيڪريٽري رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پاڪستاني سفارتخاني فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم کي مڪمل سهولتون ڏنيون. ڪينيا ۾ هاءِ ڪميشن لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آهي
چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي رات جو هڪ وڳي رپورٽ ڏني وئي آهي. ارشد شريف جي والده جو موقف به ٻڌنداسين جسٽس اعجازالاحسن پڇاڻو ڪيو ته مبينه طور تي فائرنگ ڪندڙ ڪير آهن؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته فائرنگ ڪندڙ ڪينيا جا پوليس اهلڪار آهن. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته فائرنگ ڪندڙن ٽيم کي ڇا ٻڌايو؟ اهو ته رپورٽ ۾ لکيو ئي ناهي ويو سپريم ڪورٽ حڪومت جي قائم ڪيل جي آءِ ٽي خدشن جو اظهار ڪندي سڀاڻي تائين نئين جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته جي آءِ ٽي ۾ اهڙو آفيسر نٿا چاهيون جيڪو انهن جي ماتحت هجي جنهن جو نالو اچي رهيو آهي. ارشد شريف سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، هي سنجيده معاملو آهي تنبيهه ڪري رهيو آهيان ته حڪومت به سنجيدگي کان ڪم وٺي ٻڌڻي دوران ارشد جي والده چيو ته مون کي صرف پنهنجي پٽ جي لاءِ انصاف گهرجي. جسٽس مظاهر نقوي ارشد شريف جي والده کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان کي جاچ ڪندڙ ٽيم کي بيان رڪارڊ ڪرائڻو پوندو جنهن تي ارشد شريف جي والده چيو ته مان اڳ به جاچ ٽيم کي بيان رڪارڊ ڪرائي چڪي آهيان چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪيس شروع ئي خرم ۽ وقار سان ٿئي ٿو، ارشد شريف جي والده ڪيترن ماڻهن جا نالا ڏنا آهن، حڪومت قانون موجب سمورن رخن سان جاچ ڪري. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته فوجداري ڪيس آهي ان لاءِ عدالت ڪميشن قائم ناهي ڪيو. اسپيشل جي آءِ ٽي جي جوڙجڪ جو سڀاڻي تائين انتظار ڪريون ٿا. پرڏيهي وزارت کان اوهان کي ڪهڙي مدد گهرجي اهو به ٻڌايو وڃي. پرڏيهي وزارت ٻين دوست ملڪن جو اثر رسوخ به استعمال ڪندي
