منهنجو بجلي جو بل 1 لک 68 هزار آيو آهي، ناڪام بجيٽ پيش ڪندڙ حڪومت کي گهر اماڻيو وڃي: شيخ رشيد

اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هي حڪومت عوام کي بجلي جي اگهاڙين تارن تي لٽڪائڻ آئي آهي. اسلام آباد جي عدالت ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڪشمير کان پوءِ هاڻ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون حالتون به خراب آهن جڏهن چور چوڪيدار بڻجي وڃن ۽ گهوڙا، گڏهه اسيمبلين ۾ اچي وڃن ته ملڪ جو الله ئي حافظ  آهي شيخ رشيد چيو ته مون کي اڄ اوهان کي پنهنجي گهر جو بجلي جو بل ڏيکارڻو آهي منهنجو بجلي جو بل 1 لک 68 هزار  روپيه آيو آهي، منهنجي مارڪيٽ جا 18 دوڪاندار پنهنجون دوڪانون ڇڏي ويا آهن. 31 هزار پگهار ۽ 29 هزار بجلي جو بل آهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته حڪومت پنهنجا ڪيسز معاف ڪرائڻ ۽ عوام کي بجلي جي اگهاڙين تارن تي لٽڪائڻ آئي آهي حڪومت ٻڌائي ڪنهن به هنن کي 5 ڊالر  ڏنا آهن؟ ناڪام بجيٽ پيش ڪندڙ حڪومت کي گهر اماڻيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ(ن) جو صدر نوازشريف ايندڙ مهيني جي آخر ۾ پنهنجو بيان تبديل ڪندو. شيخ رشيد چيو ته چور ڌاڙيل ۽ نااهل ناڪام بجيٽ پيش ڪندڙ حڪومت کي گهر اماڻيو وڃي، فوج سان ڳالهيون ڪري وچون رستو ڪڍيو وڃي. هن چيو ته منهنجي نه زال آهي نه ٻار آهن، نه ئي وري مان اي سي هلائيندو آهيان پر ان باوجود منهنجو بجلي جو بل هڪ لک 68 هزار روپيه آيو آهي. بجلي جو بل وڌيڪ اچڻ سبب منهنجي مارڪيٽ ۾ دوڪانون به خالي ٿي ويون آهن.