ڪراچي، ملڪ ۾ سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي، ملڪ ۾ سون جي في تولي قميت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي اڄ به قيمت ۾ اڍائي سئو رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي سون جو في تولو اڍائي سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 64 هزار 150 رپين جي ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 215 رپين جي واڌ سان هڪ لک چاليهه هزار ست سئو ٻٽيهه رُپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي ملهه ۾ هڪ ڊالر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد سون 1774 ڊالر في اونس جو ٿي ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو