ڪنڌڪوٽ ( ڊسٽرڪٽ رپورٽر عبدالخالق چاچڙ) غوثپور ڀرسان 3هفتا اڳ ڳڙھي لاڙو واري علائقي مان اڻڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿي ويل ٻن مغوين شير محمد بروهي ۽محمد بخش بروهي کي ڪشمور پوليس مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو آھي ٻنھي مغوين کي 3 ھفتا اڳ ڪرمپور پوليس ٿاڻي جي حد مان شير ڳڙھ انڊس هاءِ وي وٽان مزدا مان لاھي اغوا ڪيو ويو هو ،ٻئي مغوي بلوچستان جي شهر ڊيرا مراد جمالي واسي مزدا جا ڊرائيور ۽ ڪلينر آھن.
ٻنهي مغوين کي غوثپور جي ڪچي واري ڪي ٽي پوليس ٿاڻي جي حد مان ڏوھارين سان مبينا مقابلي دوران بازياب ڪرايو آهي پوليس جو موقف۔ جڏھن ته ،علائقي ۾ چئوٻول آهن ته ٻنهي مغوين کي ڊيل ذريعي بازياب ڪرايو ويو آهي واضع رھي ته ضلعي ڪشمور جي مختلف علائقن مان اڃان به 18 کان وڌيڪ ماڻھو ڏوھارين جي قبضي ۾ آھن۔۔
