رائونتي فاريسٽ عملدارن جي ملي ڀڳت سان رائونتي ٻيلو تباهه ٿي ويو

رپورٽ محمد بچل گهنڃو .رائونتي فاريسٽ عملدارن جي ملي ڀڳت سان رائونتي ٻيلو تباهه ٿي ويو. ٻيلي ۾ بيٺل لکين روپين جا قيمتي وڻ فاريسٽ عملدارن ڀڳڙن مٽ وڪرو ڪري ڇڏيا جڏهن ته ٻيلي جي زمين پنج هزار في ايڪڙ جي حصاب سان قبضا مافيا احوالي ڪري عملدار ڪورٽ سڳوري کي ڪوڙيون رپورٽون پيش ڪري پنهجي جان ڇڏائڻ لڳا. رائونتي جي بچا بند ڀرسان سوين ايڪڙن تي بيٺل ٻٻرن جي وڻن واري ٻيلي ۾ فاريسٽ عملدار محمد شريف بلو علائقي وڻ واپارين کان واڍي شروع ڪرائي ڇڏي جڏهن ته ڪورٽ سڳوري جي پابندي باوجود هزارين ايڪڙ زمين پنج هزار في ايڪڙ جي حصاب سان قبضا مافيا احولي ڪري ڇڏي. فاريسٽ کاتي جي ڪرپٽ عملدارن جي ڪري رائونتي ٻيلو پنهجي سونهون وڃائي ويٺو هوڏانهن فاريسٽ عملدار جي اهڙي ڪرپشن خلاف رائونتي جي سڃاڻ ڌرين ۾ تاء پکڙيل آهي سڃاڻ ڌرين هائي ڪورٽ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته رائونتي ٻيلي جي ڪرپٽ عملدارن خلاف چاچ ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

پنھنجي راءِ لکو