سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ جسٽس اطهر من الله 4 صفحن تي ٻڌل پنهنجو اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت سڳوري جي فيصلي جي غلط تشريح سان هڪ وڏي سياسي پارٽي کي چونڊ عمل مان ٻاهر ڪيو ويو. جسٽس اطهر من الله پنهنجي اضافي نوٽ ۾ لکيو ته اليڪشن ڪميشن مڃيو ته هڪ وڏي پارٽي کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نااهل قرار ڏنو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪنهن پارٽي کي نااهل قرار ڏيڻ جي لاءِ نه هو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عام چونڊن جي شفافيت تي سنگين سوال اٿاريا سپريم ڪورٽ جي جج پنهنجي اضافي نوٽ ۾ چيو ته عدالتي فيصلي جي غلط تشريح سان وڏي سياسي پارٽي کي چونڊ عمل مان ٻاهر ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ووٽرز کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ چونڊن تي لڳايل الزامن کي نظر انداز ڪري ووٽرز کي حقن جي معاملي ۾ انڌي نٿي ٿي سگهي، آئين سپريم ڪورٽ کي مڪمل انصاف جو اختيار ڏئي ٿو. جسٽس اطهر من الله اضافي نوٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هڪ سياسي پارٽي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي تشريح جي بنياد تي نااهل ٿي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح سان وڏي سياسي پارٽي کي چونڊ عمل مان ٻاهر ڪيو ويو.