ڪنڌڪوٽ مغوين جي بازيابي لاء آل پارٽريز پاران گھنٽاگهر چوڪ تي بک ھڙتال تي ويٺل

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪنڌڪوٽ ۾ وڌنڌڙ بدامني، ڦر، چوريون ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي شھر جي دل گھنٽا گھر چوڪ تي ٻن ڪلاڪن جي احتجاجي ڪيمپ غلام مصطفيٰ میراڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاھاڻي، سجاد بروھي، ڊاڪٽر ميھر چند، حاجي حضوربخش مغل، مير فائق علي خان جکراڻي، ديوان لال، مولوي جمال الدين اوڳاھي، مولوي خان محمد ملڪ، غلام رسول ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳائي وئي جتي شھر جي سياسي سماجي تنظيمن سميت ڪاروباري ۽ عام شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پولیس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ بي بس نظر اچي رھي آھي ھر ڏينھن شھري لٽجڻ لڳا آھن ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر وڌنڌڙ بدامني سبب عوام سخت پريشان آهي معصوم نينگر مسرور احمد بکراڻي سميت تمام مغوين کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگھي آهي جنھن ڪري مغوين جي گھرن ۾ سوڳ جو ماحول آهي اسان جو ھي احتجاج جو سلسلو ٽن ڏينهن تائين گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ جي صورت ۾ جاري رھندو جنھن بعد وڌيڪ سخت احتجاج جو لائحه عمل جوڙي ڪري احتجاجي مظاھرا، ڌرڻا ۽ شٽربند ھڙتال به ڪرائي ويندي جيستائین مغوي بازياب نه ٿيندا شھرين کان ڦر ٿيل سامان واپس نه ٿيندا امن امان بحال نه ٿيندو تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو،

پنھنجي راءِ لکو