سکر ،ٽيڪسي ڊرائيورز ايسوسي ايشن جي سڏ تي ٽيڪسي ڊرائيورن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ٽيڪسي اسٽينڊ تي وڏي انگ ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.مظاهري جي قيادت سکر ٽيڪسي ڊرائيورز ايسوسي ايشن جي صدر مختيار مهر، عبدالوحيد کوسا، محمد شعبان شيخ، غلام شبير ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيو ته سکر ٽيڪسي اسٽينڊ تي رشوت وٺي غير قانوني قبضو ڪيو پيو وڃي۽ دڪان ٺاهي رهيا آهن، قبضا مافيا ضمير عباسي ۽ سندس پٽ آصف عباسي ڊرائيورن جي منع ڪرڻ تي سخت ناراض ٿي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ قبضا مافيا آصف عباسي گهريلو تشدد سبب پاڻ کي ڇري جو وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو.۽ 25 ڏينهن کان پوءِ آصف عباسي نيو پنڊ ٿاڻي جي پوليس اسان جي ٻن ساٿي ٽيڪسي ڊرائيورن غلام شبير ۽ اختيار چانگ خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي.پوليس ٽيڪسي ڊرائيور کي بيگناهه گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿااڳواڻن چيف جسٽس، وزير اعليٰ سنڌ، گهرو وزير، ڊي آءِ جي سکر ريجن، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي بيگناهه ٽيڪسي ڊرائيورن خلاف داخل ڪيس بند ڪري ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو بعد ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن جي هڪ وفد سکر ٽيڪسي ڊرائيور ايسوسي ايشن جي صدر مختيار مهر جي اڳواڻي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد اويس قادر شاهه سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ کيس سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد اويس قادر شاهه سندس مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.
