خيبرپختونخواهه جي صوبائي اطلاعات واري وزير بيرسٽر سيف مريم نواز جو ڏنل بيان ورجائيندي چيو آهي ته راج ڪماري جو قول آهي ته جڏهن پيٽرول ۽ بجلي مهانگي ٿي وڃي ته سمجهو ته ملڪ جو وزيراعظم چور آهي. حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي رد عمل ڏيندي ڪي پي ڪي جي صوبائي اطلاعات واري وزير بيرسٽر سيف چيو ته آءِ ايم ايف جي تيار ڪيل وفاقي بجيٽ جا اثر پهرين ڏينهن کان شروع ٿي ويا آهن. جعلي حڪومت مالي سال جي پهرين ئي ڏينهن عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو هن چيو ته راج ڪماري مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف جي چور ٿيڻ تي مهر لڳائي ڇڏي آهي. راج ڪماري جو قول آهي ته جڏهن پيٽرول ۽ بجلي مهانگي ٿئي ته سمجهي وڃو ته ملڪ جو وزيراعظم چور آهي، پيٽرول ۽ بجلي ٻنهي جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. بيرسٽر سيف چيو ته نوازشريف چوندو هو ته رات جي اونداهي ۾ پيٽرول مهانگو ڪرڻ عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ جي برابر آهي. پيٽرول جي نئين قيمتن کان اڳ بي قابو مهانگائي هاڻ وڌيڪ بي لغام ٿي ويندي. اها ته آءِ ايم ايف بجيٽ جي شروعات آهي. اڳيان اڳيان ڏسو ڇاٿو ٿئي. عوامي مينڊيٽ سان چونڊيل حڪومت عوامي مفادن کي سامهون رکي فيصلا ڪندي آهي جڏهن ته مينڊيٽ چور حڪومت کي عوام جي ڪابه فڪر نه هوندي آهي.